چار ڍنڍ

چار ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي تعلقي شاهه ڪريم ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي ميران شاخ مان پاڻي ملي ٿو هيءَ ڍنڍ وڏيءَ ايراضي ۾ ڦهليل آهي. ڍنڍ تي پهچڻ لاءِ ملاڪاتيار کان جماري ڳوٺ (جهرڪن جي سامهون درياهه جي کاٻي ڪناري تي) واري رستي کان وڃبو آهي. تاريخي ٽڪرين (ٻڌڪا ٽڪر) جي اوڀرندي پاسي ملاڪاتيار ۽ جماري ڳوٺ جي وچ تي واقع آهي. هن ڍنڍ تي سياري ۾ وڏي تعداد ۾ پکي اچي لهندا آهن. هن ڍنڍ تي ملڪ جو اڳوڻو صدر ايوب خان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جا حڪمران ۽ ملڪ جون اهم شخصيتون شڪار سانگي اچي چڪيون آهن. هيءَ ڍنڍ، اڇ ڍنڍ جي بلڪل سامهون روڊ جي کاٻي ۽ ساڄي ٻنهي طرفن ۾ پکڙيل آهي. هن ڍنڍ ۾ ٻارهوئي پاڻي موجود رهي ٿو. هيءَ ڍنڍ حقيقت ۾ هڪ وڏي۽ وسيع ڇر آهي، جيڪا حد نظر تائين ڦهلجي وڃي ٿي. هن ڍنڍ ۾ مڇيءَ جو شڪار ٿئي ٿو پر پکين جو شڪار گهٽ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو